آسڪرز وارا به دپيڪا جا ڳُڻ ڳائڻ لڳا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار دپيڪا پاڊڪون جي گيت جي وڊيو آسڪرز طرفان پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊل تي پوسٽ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي اعزاز آسڪرز جي آفيشل انسٽاگرام هينڊل ” دي اڪيڊمي “ دپيڪا پاڊڪون کي ڀيٽا پيش ڪندي پنهنجي اڪائونٽ تان اداڪارا جي مشهورت گيت ” ديواني مستاني “ جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي آهي.
آسڪرز طرفان دپيڪا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ تي جتي سندس مداح خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن ته اتي اداڪارا جي مڙس رنوير سنگهه به پوسٽ تي تبصرو ڪندي پنهنجي گهرواري جي ڪارڪردگي کي ” جادوئي “ قرار ڏنو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by The Academy (@theacademy)


ياد رهي ته اِهو گيت سال 2015ع ۾ رليز ٿيل فلم ” باجي رائو مستاني “ جو آهي، جيڪو مشهور ڀارتي گلوڪارا شريه گهوشال ڳايو هو.
سنجي ليلا ڀنسالي جي هدايت ڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ۾ دپيڪا پاڊڪون کانسواءِ پريانڪا چوپڙا ۽ رنوير سنگهه به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.