”موجوده حالتن ۾ منهنجي خاموشي وڌيڪ اهم آهي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ منهنجي خاموشي وڌيڪ اهم آهي، مان ريسٽ ڪري رهيو آهيان، ريسٽ از دا بيسٽ.
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته صبر، استحڪام، خاموشي سان سڀني معاملن کي ڊيل ڪرڻ گهرجي، 19 ڪيس آهن بهتري ٿيندي.
ججن جي خط تي هن چيو ته ان معاملي تي جج پاڻ بهتر نموني بحث ڪري رهيا آهن، اهو تمام سنجيده ۽ حساس معاملو آهي، ان تي گهڻو نه ڳالهائڻ بهتر سمجهان ٿو.
سندس چوڻ هو ته خبر ئي ناهي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، نه اخبار ۽ نه ٽوئيٽ ڪري رهيو آهيان، مان ريسٽ ڪري رهيو آهيان، ريسٽ از دا بيسٽ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.