ادڪارا سان ڇيڙڇاڙ، مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ دهلي ڪيپيٽلز جي نمائندگي ڪندڙ پرٿوي شا هڪ ڀيرو وري ڏچي ۾ پئجي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا طرفان ڪرڪيٽر ۽ سندس دوست آشيش ياديو خلاف هٿ چراند جي شڪايت داخل ڪرائي آهي.
ممبئي جي مقامي عدالت دهلي ڪيپيٽلز جي رانديگر پرٿوي شا کي ڀوجپوري فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪارا سپنا گِل سان هٿ چراند واري معاملي تي پوليس اڻويهه جون تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ياد رهي ته واقعو گذريل سال ممبئيءَ جي علائقي انڌيري جي هڪ ڪلب ۾ پيش آيو هو، جتي پوليس ڀارتي ڪرڪيٽر پرٿوي شا تي حملي جي الزام ۾ ڀوجپوري اداڪارا سپنا گِل کي گرفتار ڪيو هو.
ان کان اڳ پوليس جي شروعات جاچ دوران ڀارتي ڪرڪيٽر پرٿوي شا کي آجو قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.