اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گرمين ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي معاملي تي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ورهائيندڙ 5 ڪمپنين تي 25 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
بجلي ورهائيندڙ 5 ڪمپنين تي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو، ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون واهپيدارن کي بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو، ڪيسڪو، پيسڪو ۽ حيسڪو تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هر ڪمپني تي 5-5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
نيپرا موجب بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي گذريل سال سيپٽمبر ۾ شوڪاز نوٽيس هئا، نيپرا کي گذريل سال شهرين طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي شڪايت ملي هئي، نيپرا لاڳاپيل ڪمپنين جي سسٽم کي چيڪ ڪيو ته جاچ ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جو سسٽم ناقص نڪتو.
بجلي ڪمپنين کي دفاع جو موقعو ڏنو ويو پر اهي الزام جو دفاع نه ڪري سگهيون ۽ الزام درست ثابت ٿيڻ تي اهو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
You might also like