سعودي ماڊل حسن جي عالمي مقابلي حصو نه وٺي سگهندي!

مس يونيورس آرگنائيزيشن 2024ع جي حُسن جي عالمي مقابلي ۾ سعودي ماڊل جي شرڪت واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مس يونيورس آرگنائزيشن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته سعودي عرب اڃا تائين هلندڙ سال مس يونيورس جي مقابلي ۾ شرڪت جي تصديق ناهي ڪئي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو فلحال اميدوارن کي ڪواليفاءِ ڪرڻ ۽ مقابلي جي نمائندگي لاءِ قومي ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ بابت سخت جاچ پڙتال واري مرحلي مان گذري رهيا آهن.
آرگنائيزيشن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب کي تيستائين مِس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت جو موقعو نه ملندو جيستائين ان مرحلي جي حتمي فيصلو نٿو ٿئي يا جيستائين منظوري واري ڪميٽي ان جي تصديق نٿي ڪري.
ياد رهي ته مِس يونيورس آرگنائيزشن طرفان اِهو بيان سعودي ماڊل رومي القحطاني جي سوشل ميڊيا پوسٽ جي هڪ هفتي کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن اعلان ڪيو هو ته هوءَ حسن جي عالمي مقابلي ۾ شرڪت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.