الخدمت فائونڊيشن پاران لاهور ۾ رمضان فوڊ پيڪيج ورهايا ويا

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاران لاهور ۾ 2100 ڪٽنبن کي رمضان فوڊ پيڪيج ڏنا ويا. ان مقصد لاءِ ٽائون شپ ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ نائب صدر الخدمت فائونڊيشن سيد احسان الله وقاص، سينٽرل پنجاب جي صدر اڪرام الحق سبحاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيد احسان الله وقاص چيو ته نادرا ۽ سفيد پوش طبقي تائين رمضان فوڊ پيڪيج ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ مقامي ٽيمون سروي ڪنديون آهن ۽ مستحقن کي ٽوڪن جاري ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ راشن ڏنو ويندو آهي.

اڪرام الحق سبحاني جو چوڻ هو ته مهانگائي سبب غريب طبقو متاثي ٿيو آهي کين خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ اسان فوڊ پيڪيج ڏئي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.