ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي: بلاول جو وفاقي حڪومت کان مطالبو

نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو، ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي.
پ پ باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، اهو هڪ تاريخي ڏوهه ٿيو، شهيد ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو، عدليا تي عوام جو اعتماد ناهي رهيو، عدالتي نظام ۾ سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو، جڊيشل ريفارمز لاءِ جدوجهد ڪنداسين.
هن چيو حڪومت کي وقت ڏنو ويو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي، اليڪشن ۾ عوامي معاشي معاهدي جو اعلان ڪيو هو، مراد علي شاهه جلد ترقياتي فنڊن جو اعلان ڪندو، صوبائي سطح تي هاري ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين.
پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي.
ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي پنهنجي ناني ۽ ماءُ سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ گل نڇاور ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.