ڪراچي: زال تي تيزاب هاريندڙ جوابدار کي 14 سال قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ زال تي تيزاب هاريندڙ جوابدار کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن اوڀر جي جج الياس ميمڻ متاثڙ عورت جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو.
عدالت جوابدار ڪوثر عباس کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، ڏنڊ نه ڀرڻ تي هو وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو.
عدالت چيو ته ٽرائل دوران فريادي جوابدار تي ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
واقعو مارچ 2021 ۾ پيش آيو هو ۽ جوابدار خلاف عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل هو.
متاثر عورت چيو ته مون کي 3 سالن کانپوءِ انصاف مليو آهي، مڙس نشي لاءِ پئسا گهرندو هو، پئسا نه ڏيڻ تي هن تيزاب هاري ڇڏيو، جنهن سان منهنجو اڌ جسم سڙي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.