نادرا جي فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي فيس گهڻي هوندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) اعلان ڪيو آهي ته فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي) جي فيس اپريل 2024 تائين 1000 رپيا برقرار رهندي.

پاڪستاني شهري پيدائش، شادي يا ٻار هنج وٺڻ جي بنياد تي FRC لاءِ نادرا کي درخواست ڏئي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪو شخص نادرا وٽ رجسٽرڊ ناهي ته ان جو ڊيٽا ايف آر سي ۾ ظاهر نه ٿيندو.

درخواستون نادرا رجسٽريشن سينٽرز (NRC) يا Pak-ID ويب سائيٽ ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اوورسيز پاڪستاني لاڳاپيل مشن آفيس ذريعي ايف آر سي حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.