پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي عدالت سامهون سرينڊر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي سرينڊر ڪرڻ کانپوءِ 20 اپريل تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.
تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اشتهاري اعظم سواتي عدالت سامهون سرينڊر ڪري ڇڏيو، اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان جي موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج رخشنده شاهين ٻڌڻي ڪئي، اعظم سواتي طرفان گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست ڪئي وئي.
اعظم سواتي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، اسپيشل سينٽرل جج سندس 20 اپريل تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.
هوڏانهن اعظم سواتي خلاف ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس جي به ٻڌڻي ٿي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي.
عدالت اعظم سواتي جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.