اها اداڪارا جنهن واءِ فاءِ جو بنياد وڌو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا هيڊي لمار پنهنجي فنڪاراڻين صلاحيتن سان گڏوگڏ سائنسي دنيا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

سندس ايجاد فري ڪوئنسي هوپنگ اسپريڊ سسٽم ريڊيو سگنلز کي مختلف فري ڪوئنسيز تي منتقل ڪندو هو ۽ ان وائرليس مواصلات جي دنيا ۾ انقلاب آندو.

هيڊي لمار جو اصل نالو هيڊونگ ايوا ماريا ڪيسلر هو جنهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1930 جي ڏهاڪي ۾ ڪئي. سندس سڀ کان وڏي ڪاميابي سندس سائنسي ايجاد هئي. ٻي عالمي جنگ دوران هن جارج اينٿائيل سان گڏجي هڪ ريڊيو گائيڊنس سسٽم تيار ڪيو جيڪو بعد ۾ جي پي ايس، بليو ٽوٿ ۽ واءِ فاءِ جهڙين ٽيڪنالاجيز جو بنياد بڻيو.

سندس ايجاد نه رڳو مواصلاتي ٽيڪنالاجي کي جديد بڻايو پر هن سائنسدانن جي هال آف فيم ۾ به جاءِ ٺاهي. هيڊي جي اها ايجاد اڄ به اربين ماڻهن جي ڪم اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.