پاڪستان جا ٻه مشهور گالفرز شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ٻن مشهور گالفرز حمنه امجد ۽ سيد رضا علي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
انٽرنيشنل گالفر حمنه امجد ۽ پروفيشنل گالفر سيد رضا علي جي شادي تقريب لاهور ۾ ٿي.
شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جي ويجهن رشتيدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته وليمي جي تقريب عيد کانپوءِ رکي وئي آهي.
حمنه امجد ۽ رضا علي جي شادي جي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهن مداحن طرفان جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته حمنه امجد ڪيئي انٽرنيشنل گالف ٽورنامينٽ کيڏي چڪي آهي جڏهن ته رضا علي پروفيشنل گالفر سان گڏوگڏ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.