ڇا پيٽرول اڃا مهانگو ٿيندو؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ايم يوٿ لون پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود عوام کي خبردار ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن جي نتيجي ۾ پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا مشهود چيو ته ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا سٺي نموني طئي ٿي ويا آهن، ڊيل ڪامياب ٿي رهي آهي، ڊيل جو اثر 6 کان 12 مهينن تائين رهندو، شرطن جي نتيجي ۾ پيٽرول ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته هوريان هوريان بهتري جي قدمن سان معاشي بحالي ٿيندي، مهانگائي گهٽجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.