ن ليگ کي وڏو جهٽڪو

لاهور (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي تڪ اين اي 81 تان ن ليگ جي اظهر قيوم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي اظهر قيوم کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سني اتحاد ڪائونسل جي بلال اعجاز چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اظهر قيوم جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو هو.
عدالت ن ليگ جي اظهر قيوم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.
درخواست ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته بلال اعجاز چوڌري 8 هزار ووٽن تان ڪامياب ٿيو پر اليڪشن ڪميشن ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي مخالفت اميدوار اظهر قيوم کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.
درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته رٽرننگ آفيسر ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي درخواستگذار جا اڍائي هزار ووٽ گهٽ ڪري ڇڏيا.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته ن ليگ اميدوار اظهر قيوم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي پر درخواست تي وڌيڪ ڪاررروائي عيد جي موڪلن کانپوءِ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.