سرڳواسي اداڪارا سري ديويءَ جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم بابت وڏي خبر

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي فلمساز بوني ڪپور چيو آهي ته هو جيستائين جيئرو آهي تيستائين پنهنجي گهرواري سرڳواسي اداڪارا سري ديوي تي بائيوپِڪ ٺاهڻ نه ڏيندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گذريل ڪجهه ڏينهن کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته سرڳواسي اداڪارا سري ديوي تي بائيو پڪ ٺاهي پئي وڃي فلم جي ڪاسٽ لاءِ تياري به شروع ٿي وئي آهي.
هاڻ تازو بوني ڪپور هڪ انٽرويو دوران پنهنجي گهرواري اداڪارا سري ديوي جي زندگي تي ٺهندڙ فلم بابت افواهه رد ڪري ڇڏيا.
بوني ڪپور چيو ته سندس گهرواري سري ديوي هڪ پرائيويٽ شخصيت هئي، هن سدائين پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي ميڊيا کان پري رکيو تنهنڪري سندس موت کانپوءِ به سندس زندگي کي ذاتي ئي رهڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي نٿو لڳي ته سري ديوي تي ڪڏهن بائيوپِڪ ٺهندي ڇو ته جيستائين مان زنده هوندس، ائين نه ٿيڻ نه ڏيندس.
يندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.