Browsing Category

نڪور خبرون

پنجاب ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي ٽئين ڏينهن به هڙتال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن طرفان ايم ٽي آءِ ايڪٽ خلاف مسلسل ٽئين ڏينهن به هڙتال ڪئي وئي. پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايم ٽي آءِ ايڪٽ خلاف ينگ ڊاڪٽر ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ او پي ڊي ۾ ڪم بند ڪيو ويو آهي. …

ڪرپشن جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪرپشن ۽ ترقي جو سفر جو گڏ نه ٿو هلي سگهي.  وزيراعظم عمران خان سان ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن اعجاز حسين شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب جو وڏو وزير…

جاويد اختر کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين…..

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) نامياري بالي ووڊ  شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر جاويد اختر کي برقعي تي پابندي واري مطالبي جي جواب ۾ گهونگهٽ تي پابندي جو مطالبو ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. رپورٽن موجب جاويد اختر جي برقعي بابت ڏنل بيان کان پوءِ هندو انتها پسند تنظيم…

شادي جي عمر 18 سال رکندڙ انڊونيشيا ۽ ترڪي ڇا مسلمان نه آهن: بلاول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ قانون بالغ شخص کي 10 ورهين جي نينگريءَ سان شادي کان روڪي ڇڏيو آهي، عرب امارات، انڊونيشيا ۽ ترڪي ۾ به شادي جي عمر 18 سال آهي، ڇا اهي مسلمان ملڪ نه آهن. پ پ چيئرمين بلاول…

مهانگائي رڳو پاڪستان جو مسئلو ناهي پر مهانگائي عالمي سطح تي به وڌي رهي آهي: دائود

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ سمورن کاتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، مهانگائي رڳو پاڪستان جو مسئلو ناهي پر مهانگائي عالمي سطح تي به وڌي رهي آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عبدالرزاق…

بابر اعظم جو  ”ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ“ لاءِ انگلش ٽيم سمرسيٽ سان معاهدو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نوجوان اوپنر ۽ عالمي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نمبر هڪ بيٽسمين بابر اعظم انگلينڊ ۽ ويلز جي ٽي ٽوئنٽي ليگ ويٽيليٽي بلاسٽ ( ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ) جي ٽيم سمرسيٽ سان معاهدو ڪري ورتو آهي. جڳ مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ”…

پاڪ فوج طرفان بلوچستان ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم

ڪوئٽا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج طرفان بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ مفتي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، 3500 کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان بلوچستان جي ضلعي آواران جي ڏورانهن علائقن گشڪور ۽ ڪولي علائقي ۾ مفت…

ساک کي نقصان رسائڻ واري درخواست، ميشا پاران جج تي عدم اعتماد جو اظهار

اهور ( ويب ڊيسڪ ) ڳائڻي ميشا شفيع علي ظفر پاران ساک کي نقصان رسائڻ واري دعويٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ جج تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو. ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جج جي تبديلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي تبديلي بابت فيصلو…

ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اجمل لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي يونيورسٽي جو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اجمل دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ڪراچي يونيورسٽي جي ترجمان موجب گذريل رات پروفيسر ڊاڪٽر اجمل کي دل ۾ تڪليف ٿي جنهنڪري کيس فوري طور خانگي اسپتال نيو ويو جتي هو اڄ صبح…

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور لوڪل گورنمينٽ بل 2019 ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور لوڪل گورنمينٽ بل 2019 ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون. پنجاب ۾ نئون مڪاني نظام ٻن مرحلن تي ٻڌل آهي.  نئين مڪاني نظام ۾ شهرن ۾ ميونسپل ۽ پاڙي ڪائونسل جڏهن ته ٻهراڙين ۾ تعلقي ۽ وليج ڪائونسل هوندي.  پنجاب جي…