ايمان مزاري جي ضمانت منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزارين جي ڌيءَ ايمان علي مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي ججد ابوالحسنات ذوالقرنين ايمان مزاري جي خلاف بارا ڪهو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن جي سلسلي ۾ ايمان طرفان ايڊووڪيٽ زينب جنجوعه دليل ڏنا جڏهن ته پوليس طرفان پراسيڪيوٽر راجا نويد پيش ٿيو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايمان مزاري جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.