سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ان ڪيمرا ڪئي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بابت اعواڻ ۽ سلمان صفدر ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا ۽ سلمان صفدر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن لاءِ اٽڪ جيل ۾ رنڊڪون پيدا نه ڪيون وڃن، اٽڪ جيل جڏهن به وياسين ته وڪيلن کي ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو، اٽڪ جيل ۾ ٽرائل جي خلاف درخواست داخل آهي.
ٻڌني دوران شاهه محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته پنهنجي موڪل جي ضمانت واري درخواست تي دليل اڄ ئي ڏيڻ چاهيندس.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن طرفان ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ جي استدعا ڪئي وئي ايف آءِ اي طرفان اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ جي درخواست ڪئي وئي.
ذريعن موجب اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي اعتراض واريندي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي.
ذريعن موجب ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.