عراق ۾ روڊ حادثو، زائرين سوڌو 18 ڄڻا فوت

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ ٿيل روڊ حادثي ۾ ايراني زائرين سوڌو 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو افسوسناڪ واقعو عراق جي اتر واري صوبي صلاح الدين ۾ ٻن شهرن کي ڳنڍيندڙ مصروف روڊ تي پيش آيو.
ميڊيا رپورٽس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ايمولينسز به پهچي ويون جن لاشن ۽ زخمين کي ريسڪيو ڪيو.
ميڊيا رپورٽس موجب حادثي جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا جن مان گھڻن جو واسطو ايران سان آهي جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
هڪ مقامي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين مان هڪ جي ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي هئي جنهن سبب 18 حياتيون زيان ٿيو ويون.
هر لکن جي تعداد ۾ ماڻهو عراق زيارت لاءِ ايندا آهن جن مان گھڻن جو واسطو ايران سان هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.