نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ زال کي مار ڪٽ کان پوءِ ڪپڙن کان آجو ڪري پريڊ ڪرائيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب پرتاب ڳڙهه جي علائقي ۾ مڙس پنهنجي چئن مهينن جي ڳورهاري زالي سان ظلم ۽ زيادتي ڪئي.
پوليس جو چوڻ هو ته اهو واقعو 31 آگسٽ جي شام جو پيش آيو جنهن ۾ مڙس ۽ ساهرن عورت کي پاڙيسري سان ناجائز لاڳاپن جي شڪ تي مار ڪٽ ڪرڻ بعد کيس ڪپڙن کان آجو ڪري عورت کي ڳوٺ ۾ پريڊ به ڪرائي، عورت جي مڙس ان سڄي منظر کي موبائل ڪيمرا ذريعي رڪارڊ به ڪيو.
پوليس موجب وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ مڙس سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته وڌيڪ 7 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ به ڪئي پئي وڃي.
پوليس عوام عورت جي وڊيو ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شيئر نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like