برزلز (ويب ڊيسڪ) برايلين عورت کاڌو پچائيندي مرچن جي خوشبوءِ سنگهڻ سبب فوت ٿي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب 25 ورهين جي ٿائيس ميڊيروس پنهنجي خاندان لاءِ کاڌو پچائڻ ۾ مصروف هئي ته کيس غير ارادي طور تي کاڌي ۾ شامل ڪيل ڪارن مرچن جي خوشبوءِ سنگهي ورتي جنهن سبب سندس ڳلي ۾ ساڙو ٿيو ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي.
ٿائيس کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته عورت ۾ (Cerebral edema) جي نشاندهي ٿي آهي جيڪا هڪ اهڙي حالت هوندي آهي جيڪا دماغ ۾ سوڄ سبب ٿيندي آهي.
طبي ماهرن موجب امڪاني طور تي ٿائيس ميڊيروس کي ڪارن مرچن کان ايلرجي هوندي جيڪا سندس موت جو سبب بڻي.
موت کان اڳ ٿائيس ڪوما ۾ به وئي هئي پر هوءَ فوت نه ٿي هئي.
ماهرن موجب سيريبرل ايڊيما سبب کوپڙي جي اندر دٻاءُ وڌي ويندو آهي جيڪو دماغ ۾ رت جي وهڪري ۽ آڪسيجن جي پهچ ۾ خلل جو سبب بڻبو آهي جنهن سان معمول جا ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.
رپورٽ موجب ان بيماري جي علامتن ۾ مٿي جو سور، اُلٽي اچڻ جا مسئلا ۽ دورا پوڻ شامل آهن.
You might also like