اروشي نه مُڙي، وري نسيم شاهه جي تصوير شيئر ڪري ڇڏيائين

ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا اروشي روٽيلا ايشيا ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه سان گڏ پاڪستاني اسڪواڊ جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون پاليڪيلي ۾ آمهون سامهون آهن، ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ اروشي روٽيلا انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪارا اها اسٽوري ورڪ آئوٽ دوران شيئر ڪئي آهي.
ان تصوير ۾ ٽي وي اسڪرين تي نسيم شاهه پاڪستاني اسڪواڊ سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.
اروشي جي اها اسٽوري سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.