سنڌ ۾ نئون صوبو يا انتظامي يونٽ ٺهڻ نه ڏينداسين: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي گروپ) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي بابت بيانن خلاف سنڌ جو عوام سياسي مزاحمت ڪري رهيو آهي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، ڪنهن به صورت ۾ نئون صوبو يا انتظامي يونٽ قبول نه ڪيو ويندو.
ڏوڪري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته رياستي ادارن ڪراچي جي سرمائيدارن سان ڪچهري دوران سنڌ کي ڇهن حصن ۾ ورهائڻ بابت ڳالهايو هو، جڏهن ته محسن نقوي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ مقبول صديقي جا بيان به سنڌ جي ورهاڱي بابت خدشا وڌائي رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ عوام اهڙن بيانن خلاف پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪنهن به سياسي جماعت يا شخصيت کليل نموني سنڌ جي ورهاڱي جي حمايت نه ڪئي آهي، جيڪا سنڌ جي سياسي شعور جي عڪاسي ڪري ٿي.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ اسيمبلي گڏيل قرارداد ذريعي واضح ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو يا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ نه ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي سان لاڳاپيل ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر تي هلندڙ پارٽين ۾ اتحاد موجود آهي. ان اتحاد تحت 20 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ پرامن ريلي ڪڍي وئي هئي، جڏهن ته 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ به وڏي پرامن سياسي ريلي ڪڍي ويندي.

You might also like