وڻن جي چوري جي الزام هيٺ اڳوڻو پارليامينٽ ميمبر گرفتار

مظفر نگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ وڻن جي چوري جي الزام ۾ اڳوڻي مسلمان پارليامينٽ ميمبر کي گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اترپرديش جي شهر مظفر ڳڙهه مان سماج وادي پارٽي جو اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر قادر رانا کي پاڙيسري جي زمين مان وڻ چورائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن تي پاڙيسري جي زمين تي قبضي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته قادر رانا جي پاڙيسري انيتا گپتا طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ قادر رانا تي انيتا جي زمين تي موجود چنار ۽ يوڪلپٽس جي 50 کان وڌيڪ وڻن کي ڪٽن ۽ چوري ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن.
قادر رانا تي پنهنجي فيڪٽري جو گدلوڻ پاڻي ٻني ۾ ڇڏڻ جو الزام به لڳايو ويو آهي جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.