”زرداري جو مسئلو بلاول ۽ نواز جو مسئلو مريم کي وزيراعظم بڻائڻ آهي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غلط معاهدن سان بجلي اگهن ۾ روز واڌ ٿي رهي آهي ۽ اسان ڳرن بجلي بلن جون دانهون ڪري رهيا هئاسين ته مٿان وري پيٽرول بم ڪيرايو ويو.
راولپنڊي ۾ گرينڊ يوٿ ڪنوينشن سان خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته بجلي بلن ۾ 16 قسمن جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، پاڪستان جي سياست ۽ معيشت آءِ ايم ايف جي هٿ آهي، 13 جماعتي اتحاد پي ڊي ايم عوام کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو، ڪنهن به صورت ۾ آءِ ايم ايف جي غلامي قبول نه ڪنداسين.
هن چيو اشرافيا 500 اربن کان وڌيڪ مفت بجلي کائي ويندي آهي، عوام جيڪڏهن چُپ رهيو ته اڳتي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس ڀرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته حڪمرانن ملڪ کي بند گهٽي ڏانهن ڌڪيو آهي، عالمي ادارن جي رپورٽ آهي ته پاڪستان ۾ 90 لک نوجوان منشيات جو شڪار آهن ۽ 8 لک ماڻهو پاڪستان ڇڏي هليا ويا آهن.
سراج الحق چيو ته زرداري جو مسئلو بلاول ۽ نواز شريف جو مسئلو مريم کي وزيراعظم بڻائڻ آهي، حڪمرانن جي بئنڪ اڪائونٽن واڌ ۽ عوام مٿي جي سور تي وري لاءِ سِڪي رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته عوام چور حڪمرانن خلاف اٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.