حليم عادل شيخ ”سنڌي ٽوپي“ نه پائڻ تي سراج دراني کي ڪهڙو جواب ڏنو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
عدالت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آغا سراج دراني، حليم عادل شيخ کان پڇيو ته توهان سنڌي ٽوپي پائيندا هئا، اڄ ڪيپ پاتي اٿَو، جنهن تي حليم عادل شيخ مرڪي جواب ڏنو ته سر غلطي ٿي وئي.
اڳوڻي اسپيڪر چيو ته توهان سدائين سنڌي ٽوپي پائيندا آهيو پر اڄ انگريز بڻجي ويئو، جنهن تي اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته آغا صاحب! توهان جو مهمان آهيان تڏهن هن ٽوپي ۾ آهيان، گهران اچان ها ته سنڌي ٽوپي ۾ ئي اچان ها.
پ پ اڳواڻ چيو توهان اسيمبلي ۾ هجو ها ته منهنجا مهمان هجو ها هتي نه.
پي ٽي آءِ اڳواڻ پڇيو ته توهان خيريت سان آهيو، جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته مون کي ڇا ٿيندو، مان بلڪل خيريت سان آهيان.
آغا سراج دراني کان سوال پڇيو ويو ته ڇا توهان تحفي ۾ ٽوپي ڏيندئو؟ جنهن تي هن چيو ته نه مان گهر پهچندي ئي ان کي ٽوپي جو تحفو ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.