ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي قوم، سنڌ جي قومپرست جماعتن متحد ٿي، هڪ آواز بڻجي سراپا احتجاج ٿي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ وانگر سنڌوءَ تي ٺهندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف پڻ يادگار جدوجهد ڪئي جنهن نتيجي ۾ ان کي پهرين وڏي ڪاميابي اها ملي آهي جو موجوده حڪومت جي صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ ٽيون ڏينهن پارليامينٽ ۾ گڏيل خطاب ڪندي واضح ڪيو ته هو ڪئنالن بابت هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪري ٿو ۽ حڪومت کي مشورو ڏئي ٿو ته ان معاملي تي سڀني صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته اهڙن هڪ طرفي هڪ طرفي فيصلن سان اصل ۾ وفاق کي نقصان رسي ٿو.
صدر زرداريءَ جي ان خطاب بابت ٽيون ڏينهن کان ئي جيترا آهن وات اوترا تبصرا ٿي رهيا آهن. قوم پرست جماعتن جو خيال آهي ته اهو سندن جدوجهد جو نتيجو آهي ان دٻاءُ تحت صدر زرداريءَ اهو بيان ڏنو آهي، ڪن قوم پرست اڳواڻن جو خيال آهي ته اهڙي بيان ڏيڻ جو مقصد ڪئنالن خلاف جدوجهد کي ماٺو ڪرائڻ آهي ۽ ڪن تجزئي نگارن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ جيئن ته سنڌ حڪومت جي خلاف جي ڊي اي ذريعي اتحاد ٺاهي رهي آهي تنهن ڪري صدر زرداريءَ سنڌ ڪارڊ جو پتو اڇلايو آهي ته جيئن اهو سنڌ ۾ عوامي ۽ سياسي حمايت حاصل ڪري سگهي. ان کان اڳ صدر زرداريءَ تي اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ ان ئي صدر مملڪت جي حيثيت ۾ سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن واري منصوبي تي صحيح ڪئي هئي جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ جا قومي توڙي صوبائي وزير ايستائين جو مراد علي شاهه به وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو هو ته سنڌ حڪومت ڪئنالن جي خلاف آهي ۽ اها سنڌ جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪندي، ان کي رستي تي اچي احتجاج ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اها آئيني ۽ قانوني جدوجهد ڪندي پر عام تاثر اهو هو ته پ پ، حڪومت لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي ۽ ان اقتدار لاءِ سنڌو ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن پر ٽيون ڏينهن صدر زرداريءَ غير متوقع طور تي بحثيت صدر هڪ وڏي ملڪي ايوان تان ڪئنالن کي رد ڪري غير جانبدار حلقن ۽ تجزئي نگارن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
صدر زرداريءَ گڏيل خطاب ۾ اهڙو غير متوقع ۽ جارحاڻو بيان ڇو ڏنو، ان تي قوم پرستن جو موقف ڪهڙو آهي، ان سان صدر زرداريءَ ۽ سنڌ حڪومت تي ڪهڙو اثر پوندو سو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هتي پاڻ ان ڪاميابي جو يعني ملڪ جي صدر کان ڪئنالن خلاف موقف ڏيارڻ جو ڪريڊٽ سنڌي قوم ۽ قوم پرست جماعتن جي ڪئنالن خلاف ڪيل جدوجهد کي ڏينداسين. ڪئنالن خلاف سنڌي قوم ۽ قوم پرست جماعتن جي جدوجهد جو ئي اهو نتيجو آهي جو صدر زرداريءَ ۽ پ پ اڳواڻ اهو حوالو ڏئي سگهن ٿا ته سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ جيڪڏهن پ پ ان موقعي تي سنڌي عوام بدران مسلم ليگ (ن) سان گڏ بيهي ها ته سنڌ ۾ اها سياسي حمايت وڃائي ويهي ها.
سنڌي قوم ۽ قوم پرست جماعتن جي جدوجهد اهو به ثابت ڪيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن، مسئلن خلاف آواز اٿارڻ ۽ جدوجهد لازمي ڪرڻ گهرجي. خاموش ٿي نه ويهجي. ان ڪري ئي چئبو آهي ته قومي معاملن تي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو وڃي، اتحاد ڪيو وڃي، هڪ آواز ٿيڻ گهرجي ٻڌي ۾ طاقت آهي ۽ طاقت ۽ ٻڌي ئي حڪمرانن کي پنهنجا فيصلا تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. پ پ ۽ صدر زرداريءَ به جڏهن ڏٺو ته ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ رڳو قوم پرست جماعتون ئي نه پر ٻيون وفاقي جماعتون جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، شهيد ڀٽو ذوالفقار علي جونيئر به ڪئنالن خلاف نڪري آيو آهي، وڪيل برادري به روڊن تي اچي چڪي آهي ته پوءِ ان کي سنڌ مان گڏ بيهڻ جو ڪو جواز به نه بچيو هو.اسٽيبلشمينٽ به عوامي دٻاءُ آڏو آخر جهڪي ويندي آهي. اسٽيبلشمينٽ حالتن مطابق پاليسي ٺاهيندي آهي. ان لاءِ پنهنجي مفاد ۾ ڪلهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا. بهرحال عوامي جدوجهد ۽ طاقت به گهڻو ڪجهه تبديل ڪرائي ڇڏيندي آهي.
اسان سياست کي ملندڙ ان نئين موڙ جو سهرو سنڌي قوم ۽ سنڌي قوم پرستن کي ڏيون ٿا جن ثابت قدمي سان ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ سڀني قوم پرست جماعتن مختلف رستن کان لانگ مارچ ڪيا ۽ ائين سڄو سنڌي عوام روڊن رستن تي هو . اسان کي اميد آهي ته اها جدوجهد اڃان جاري رهندي ۽ پنهنجي مقصد تي رسندي . بهرحال مسئلو اڃان موجود آهي. ڪئنالن نه ٺهڻ جو اڃان اعلان نه ٿيو آهي. اها به حقيقت آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾ ڪم هلي رهيو آهي پر وفاق کي هاڻي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجي. جڏهن ارسا به اهو تسليم ڪيو آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي شديد ۽ ريڪارڊ کوٽ آهي ته اهڙي صورت ۾ پنجاب صوبو ڇهه ڪئنال هڪ سنڌو درياهه مان ڪيئن ٿو ڪڍي سگهي سو وفاق کي زميني حقيقتون سمجهڻ گهرجن رڳو هڪ صوبي جي مفاد ۾ سڄي وفاقي نظام کي ڊانوا ڊول نه ڪري ۽ ملڪ کي جمهوري روح تحت هلائي سنڌي قوم، صدر مملڪت ۽ سنڌ حڪومت جي موقف جو احترام ڪري ڪئنالن واري منصوبي تان هٿ کڻي ته اهو ئي وفاق جي مفاد ۾ آهي.