صنعا(ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثي گروپ تصديق ڪئي آهي ته فوج جو چيف آف اسٽاف محمد عبدالڪريم الغماري شهيد ٿي ويو آهي.
خميس ڏينهن حوثين طرفان جاري ڪيل بيان موجب، محمد عبدالڪريم الغماري ’پنهنجن فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿيو.
حوثين سندس شهادت جو سڌو الزام اسرائيل تي نه لڳايو آهي، پر بيان ۾ چيو ويو ته ”اسرائيل سان جو تڪرار ختم نه ٿيو آهي ۽ ان کي پنهنجي ڏوهن جي سزا ضرور ملندي.“
ياد رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ يمن جي راڄڌاني صنعا ۾ اسرائيلي هوائي حملن دوران حوثي حڪومت جو وزيراعظم ۽ ڪيترائي وزير شهيد ٿي ويا هئا ۽ ان وقت اسرائيل چيو هو ته انهن حملن جو هدف الغماري، بچاءُ وارو وزير ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عملدار هئا.
You might also like