” معرڪاءِ حق“ ۾ اثرائتو ثابت ٿيڻ تي انڊونيشيا به چين کان جي-10 جنگي جهاز خريدڻ جو فيصلو ڪري ورتو

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا چين کان جديد جي-10 سي جنگي جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
چيني ميڊيا موجب، انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جلد ئي چين جا جديد جي-10 سي جنگي جهاز خريد ڪرڻ وارو آهي، جنهن کانپوءِ انڊونيشيا جي-10 سي جهاز استعمال ڪندڙ ٽيون ملڪ بڻجي ويندو.
جي-10 سي جهازن جي خريداري جو معاهدو انڊونيشيا جي تاريخ ۾ پهريون موقعو هوندو جڏهن هو چيني جنگي جهاز خريد ڪندو، جيڪو ان جي فوجي صلاحيتن کي جديد بڻائڻ واري منصوبي جو حصو آهي.
چين کانسواءِ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو جي-10 سي جهاز استعمال ڪري رهيو آهي.
پاڪستان 2020 ۾ 36 جي-10 سي جهاز ۽ 250 پي ايل-15 اي ميزائل آرڊر ڪيا هئا.
رپورٽن موجب، پاڪ ايئر فورس مئي ۾ ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران جي-10 سي جهاز استعمال ڪيا، جن ڀارتي هوائي فوج جا ڪيترائي جهاز، جن ۾ فرانسيسي جنگي جهاز رافيل به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.