نِم جا پَن اُٻاري پيئو، سڀ مسئلا حل

نِم جو وڻ نه رڳو اسان کي گرمين ۾ ڇانوَ فراهم ڪري ٿو پر ان جا ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن، جن کان شايد توهان اڻڄاڻ هجو.
نم جي پنن ۾ اينٽي بيڪيٽريل خاصيتون هونديون آهن، جن جو استعمال صحت جي حوالي سان اسان جا ڪيترائي مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.
نم جي پنن جو پاڻي جِلد، وات، پيٽ جي صفائي سان گڏ ڪيترن ئي مرضن کان پڻ محفوظ رکي ٿو، اچو ته ڄاڻون نم جي پنن جو پاڻي پيئڻ سان ڪهڙا فائدا پهچن ٿا.
1. هاضمو بهتر ٿئي ٿو
2. مدافعتي قوت وڌي ٿي
3. وار مضبوط ٿين ٿا
4. جلد صاف ٿئي ٿي
5. زخم تيزيءَ سان ڀرجن ٿا
6. سوڄ گهٽجي ٿي
7. ڏند صاف ۽ مضبوط ٿين ٿا
8. رت جي صفائي ٿئي ٿي
9. شگر ڪنٽرول ٿئي ٿي
10. جگر جي حفاظت ٿئي ٿي
11. ٿولهه گهٽجي ٿي
استعمال جو طريقو:
نم جا تازا پن چڱي طرح ڌوئي ٽي گلاس پاڻي ۾ اٻارڻ لاءِ رکي ڇڏيو، جڏهن پاڻي هڪ گلاس وڃي بچي ته چُلهي تان لاهي صاف ڪپڙي سان ڇاڻيو، توهان ان پاڻي ۾ ادرڪ، ڪارا مرچ، ليمي جي رس يا ماکي به ملائي سگهو ٿا.
نم جي پنن جو پاڻي صبح جو ننڊ مان اٿي نيراني پيئڻ گهرجي،ان کانپوءِ اڌ ڪلاڪ تائين ڪجهه به کائڻو ۽ پيئڻو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.