شادي کانپوءِ اُهو مسئلو جنهن ۾ مرد متاثر ٿئي ٿو عورت نه! ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو

شادي ڪنهن به فرد لاءِ زندگي بدلائڻ وارو لمحو هوندي آهي پر مردن ۾ هڪ عجيب ناڪاري اثر جو خطرو وڌي ويندو آهي.
شادي کان پوءِ مردن ۾ ٿولهه جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته عورت تي ان جو ڪو خاص اثر نه ٿو پوي.
پولينڊ جي طبي تحقيق موجب، شادي شده مردن ۾ٿولهه جو امڪان غير شادي شده مردن جي ڀيٽ ۾ 3.2 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
تحقيق ۾ 2405 ماڻهن جي صحت ۽ طبي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جنهن مان پتو پيو ته شادي کان پوءِ مردن جو وزن 62 سيڪڙو ۽ عورتن جو وزن 39 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، شادي کان پوءِ مرد وڌيڪ کاڌو کائڻ لڳن ٿا، جڏهن ته جسماني سرگرميون گهٽجي وڃن ٿيون.
تحقيق موجب، عمر به وزن ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي، جيئن مردن ۾ هر سال 3 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 4 سيڪڙو وزن وڌڻ جو امڪان هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته سماجي، نفسياتي ۽ ماحولياتي عنصر به جسماني وزن وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.