اها ته گهڻي ماڻهن کي خبر هوندي ته چيگم چٻاڙڻ دماغ ۾ رت جي وهڪري کي بهتر بڻائي ٿو، جنهن سان سجاڳي، ڌيان ۽ ذهني صلاحيت وڌندي. اهو ئي سبب آهي ته ڪيترائي ماڻهو ذهني طور تي سرگرم رهڻ لاءِ چي گم چٻائيندا آهن، ڇو ته اها معمولي حرڪت به دماغ کي تحرڪ ڏيڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي آهي.
پر هاڻي ڏکڻ ڪوريا جي ماهرن هڪ اهڙي ڳالهه دريافت ڪئي آهي، جيڪا حيران ڪندڙ به آهي ۽ دلچسپ به. ماهرن جي تحقيق موجب، دماغ لاءِ هڪ ٻيو عنصر چيگم کان به وڌيڪ فائديمند ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو آهي ڪاٺ. عام طور تي ڪاٺ کي رڳو اڏاوتي ڪم، فرنيچر يا ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر هاڻي سائنس ٻڌائي ٿي ته ڪاٺ چٻائڻ سان دماغي صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪاٺ جي هڪ ڪاٺي کي پنج منٽن تائين چٻايو وڃي ته دماغ ۾ گلوٽاٿيون نالي هڪ اهم اينٽي آڪسيڊنٽ جو مقدار وڌي ٿو. هيءَ مادو جسم ۾ آڪسيڊيٽو اسٽريس کان بچاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو دماغي سيلز کي خراب ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آڪسائيڊيٽو اسٽريس ڪيترين ئي دماغي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪا سادي عادت جهڙوڪ ”ڪاٺي چٻائڻ“ دماغ کي هن نقصان کان بچائي سگهي ٿي ته پوءِ اها تحقيق انتهائي اهم ثابت ٿي سگهي ٿي.
تحقيق لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي 52 صحتمند يونيورسٽي شاگردن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو، جن مان 27 شاگردن کي چيگم ڏنو ويو، جڏهن ته باقي 25 شاگردن کي ڪاٺ جون ننڍڙيون اسٽڪس ڏنيون ويون. انهن شاگردن کي پنج منٽن تائين لڳاتار چيگم يا ڪاٺ جون اسٽڪس چٻائڻ لاءِ چيو ويو، ان دوران سندن دماغ جي سرگرمي جو جائزو ورتو ويو. نتيجا حيرت جوڳا هئا! سائنسدانن ڏٺو ته ڪاٺ چٻائڻ وارن شاگردن جي دماغ ۾ گلوٽاٿيون جي سطح چيگم چٻائڻ وارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي وئي.
سائنسدانن جو خيال آهي ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مطالعي ذريعي ڪاٺ چٻائڻ جي ٻين فائدي بابت به ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا دماغي بيمارين کان بچاءَ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.