جڏهن اسان جي اکين ۾ ڌوڙ، مٽي هلي ويندي آهي ته اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي، پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوٻاسي اچڻ دوران اکين ۾ پاڻي اچي وڃڻ جو سبب ڇا ٿو ٿي سگھي؟
جڏهن اسان ڪو بورنگ ڪتاب يا خبر پڙهي رهيا هجئون، ننڊ اچي يا جسم ۾ ٿَڪُ هجي ته اسان اوٻاسيون ڏيندا آهيون، پر ان جا ٻيا مختلف سبب به ٿي سگهن ٿا.
طبي ويب سائيٽ هيلٿ لائن جي رپورٽ موجب جڏهن اسان اُوٻاسي ڏيندا آهيون ته چهري جا پٺا سُسِي ويندا آهن جنهن سبب اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي.
اُوٻاسي دوران اکين ۾ گھڻو پاڻي اچڻ، اکين ۾ ايلرجي يا خشڪ ٿيڻ جو سبب ٿي سگھي ٿو.
دماغي گرمائش ۾ گھٽتائي
2013ع ۾ ڪيل تحقيقي مطالعي مان خبر پئي آهي ته اُوٻاسي جو حتمي سبب خبر ناهي پئجي سگھيو پر محققن مختلف مفروضن جو جائزو ورتو جنهن مان خبر پئي ته اُوٻاسي اچڻ سان دماغ جي گرمائش ۾ گھٽتائي ٿيندي آهي، ماهرن جو چوڻ هو ته اُوٻاسي دوران اکين ۾ پاڻي اچڻ جو سبب دماغ ۾ گرمي جو احساس گھٽجي ويندو آهي ۽ ٿڌو رهندو آهي.
جلد جو سُسَڻ
اوهان اهو محسوس ڪيو هوندو ته جڏهن اوهان اوٻاسي ايندي آهي ته اوهان جي اکين جي چوڌاري ۽ چهري جا مسلز (پٺا) سُسِي ويندا آهن، جلد سُسَڻ سبب ڳوڙها پيدا ڪندڙ گلينڊز تي دٻاءُ پوندو آهي ۽ پوءِ اوهان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي.
اکيون خشڪ ٿيڻ
اوهان کي اهو پڙهي عجيب لڳندو ته جن اکين ۾ غير معمولي پاڻي هوندو آهي اهي وڌيڪ خشڪ هونديون آهن جنهن کي انگريزي ۾ Dry eye syndrome چيو ويندو آهي.
ڊراءِ آءِ سنڊروم ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اکين کي نم رکڻ لاءِ هڪ حد تائين ڳوڙها ناهن ٺهي سگهندا يا جڏهن اوهان جا ڳوڙها صحيح طريقي سان ڪم ناهن ڪندا، ان سان اوهان جي اکين ۾ تڪليف ٿي سگھي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها نظر جي مسئلن جو سبب به بڻجي سگھي ٿي.
ان لاءِ جيڪڏهن اوهان ان سنڊروم جو شڪار آهيو ته اوٻاسي اچڻ سبب اوهان جي اکين ۾ پاڻي اچي سگھي ٿو.
ڇا اوهان جي اکين ۾ اوٻاسي اچڻ وقت پاڻي اچي ويندو آهي؟
ان جو جواب آهي ”نه“ ڪجهه ماڻهن کي اوٻاسي اچڻ دوران اکين ۾ پاڻي ناهي ايندو.
رپورٽ موجب سائنسدانن کي اوٻاسي دوران اکين ۾ پاڻي اچڻ جو ٺوس سبب ته خبر ناهي پئجي سگھيو پر سندن چوڻ آهي ته گھڻن ماڻهن جون اکيون اوٻاسي دوران آليون ٿي وينديون آهن پر ائين هر وقت ناهي ٿيندو، ان جو واسطو اسان جي جسماني حالت کانسواءِ ماحول سان به ٿي سگھي ٿو.
پر اوٻاسي دوران ڳوڙها بلڪل نه اچڻ ڪنهن خطري جي علامت بلڪل ناهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ضرور ڪريو.