وڌيڪ مٺي ۽ سڻڀي غذا اهم عضو ناڪارا بڻائي ڇڏيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽي آف ميسوري اسڪول آف ميڊين جي هڪ نئين تحقيق موجب وڌيڪ سڻڀي، وڌيڪ مٺي ۽ ڪوليسترول ۽ فيٽس سان ڀرپور غذا جگر جي چرٻي پيدا ڪري ٿي.

هڪ تجربي ۾ ڪوئن کي وڌيڪ سڻڀ ۽ مٺاڻ واريون غذائون کارايون ويون جنهن سان پيٽ ۾ هڪ بيڪٽيريا تيارٿي، جنهن کي بلائوٽيا پروڊڪٽا چيو ويندو آهي، اها جگر جي سوڄ ۽ فائبروسس جو سبب بڻجي ٿي.

تحقيق ۾ ثابت ٿيو ته جيڪڏهن اوهان جگر ۾ چرٻي جي بيماري کان بچڻ چاهيو ٿا ته وڌيڪ سڻڀي ۽ مٺي غذا کائڻ بند ڪريو يا ان جو استعمال گهٽائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.