پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
پرتگالي اسٽار اڱاري ڏينهن هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏيندي پنهنجو نالو رڪارڊ بُڪ ۾ لکرائي ڇڏيو.
چاليهه ورهين جي عمر رونالڊو هنگري خلاف ميچ ۾ ٻه شاندار گول اسڪور ڪري فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.
رونالڊو جو ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي 50 مقابلن ۾ گڏيل طور گولن جو انگ 41 ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ سڀ کان وڌيڪ گولن جو عالمي رڪارڊ گوئٽي مالا جي ڪارلوس روئيز وٽ هو، جنهن 39 گول اسڪور ڪيا هئا.
رونالڊو سوشل ميڊيا تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي لکيو ته ” اِهو ڪو راز ناهي ته قومي ٽيم جي نمائندگي مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي، انڪري مون کي اهو انوکو ڪارنامو انجام ڏيڻ تي فخر آهي.“
واضح رهي ته پرتگال ۽ هنگري جي وچ ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي ميچ 2-2 گولن سان برابر ٿي وئي هئي.
ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي گروپ ايف ۾ پرتگال 10 پوائنٽن سان سر فهرست آهي.
هڪ ٻيو عالمي اعزاز، وطن جي نمائندگي کي اهميت ڏيان ٿو، پرتگال لاءِ رڪارڊ ٺاهڻ تي فخر آهي: رونالڊو
You might also like