نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي کاتي ڀارت طرفان روسي تيل جي خريداري روڪڻ بابت مودي ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ترديد ڪري ڇڏي.
ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اڄ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪا طرفان توانائي بابت جيڪو بيان سامهون آيو آهي، ان تي پرڏيهي کاتي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.
ترجمان چيو ته جيستائين ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي وچ ۾ ڪنهن ٽيليفون رابطي جو سوال آهي ته سندس ڄاڻ موجب ڪالهه ٽرمپ ۽ مودي جي وچ ۾ ڪائي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
ٻئي پاسي روسي پرڏيهي کاتي جي ترجمان دمتري پيسڪوف به ان سلسلي ۾ بيان ڏنو آهي ته روسي تيل جي خريداري بابت اسان ڀارت ۽ چين جي باضابطا بيانن تي ئي ڀاڙيون ٿا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کيس روس کان تيل نه خريد ڪرڻ جي پڪ ڏني آهي.
صدر ٽرمپ چيو ته هو ڀارت جي روسي تيل خريدڻ واري فيصلي مان خوش نه هو، پر هاڻي اهو معاملو طئي ٿي ويو آهي.
آمريڪي صدر موجب، ڀارت فوري طور تي روس کان تيل خريدڻ نه ٿو روڪي سگهي ٿو، پر جلد ئي اهو عمل بند ڪري ڇڏيندو.
ياد رهي ته روس کان تيل خريد ڪرڻ واري معاملي تي آمريڪا ڀارت تي 50 سيڪڙو واڌو ٽيرف به لاڳو ڪري چڪو آهي.
You might also like