” توهان جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ شڪست قبولڻ آهي“ ويرات ڪوهلي جي پوسٽ وائرل

پرٿ (ويب ديسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز کان اڳ هڪ ٽوئيٽ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل رهي آهي.
ويرات ڪوهلي ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا پهچڻ کانپوءِ خميس ڏينهن ايڪس تي هڪ پيغام شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ” توهان حقيقت ۾ تڏهن ناڪام ٿيو ٿا، جڏهن توهان هار کي قبوليو ٿا.“
ويرات ڪوهليءَ جي اها پوسٽ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي، جڏهن سندس عالمي ڪرڪيٽ جي مستقبل بابت اڳڪٿيون جاري هيون.
اسٽار بيٽر گذريل سال جون ۾ ڀارتي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ مختصر فارميٽ مان رٽائرمنٽ ورتي هئي ۽ پوءِ هلندڙ سال مئي ۾ اوچتو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو ۽ اڄڪلهه ڀارت ۾ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي مستقبل بابت بحث جاري آهي.
ٻنهي کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ته چونڊيو ويو آهي، پر روهت کان ڪپتاني کسي سندس جاءِ تي نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل کي قيادت جون ذميواريون سونپيو ويون آهن.
چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر ۽ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير اڃا تائين اهو واضح نه ڪيو آهي ته ڇا ڪوهلي ۽ روهت 2027ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي منصوبي جو حصو هوندا يا نه.
اهڙي صورتحال ۾ ڪوهلي جي ايڪس پوسٽ کان پوءِ مداح مختلف قسم جون اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ” هن پوسٽ کانپوءِ ڪوهلي جي ون ڊي مان رٽائرمينٽ واريون هڙئي افواهون ختم ٿي ويون آهن.“
پوسٽ شيئر ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ اِهو سامهون آيو ته اها هڪ اشتهاري پوسٽ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.