اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان طالبان ڀارت جي چرچ تي پاڪستان تي حملو ڪيو، مجبوريءَ سخت جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي، افغانستان سان جائز شرطن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ڊگهي گڏيل سرحد آهي، پاڪستان محدود وسيلن باوجود افغان پناهگيرن جي ڀرپور ميزباني ڪئي، 40 لک افغان ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهندڙ آهن، اسان ڀائراڻي رشتي کي قائم ۽ دائم رکيو آهي.
هن چيو ته افغان دهشتگرد اسان جي پوليس، پاڪ فوج جي جوانن ۽ عام شهرين کي شهيد ڪري رهيا آهن، 2018ع ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي هئي پوءِ ڪيئن دهشتگرد واپس آيا؟ 2018ع کانپوءِ واري حڪومت دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ فوج تي فتنه الخوارج حملو ڪيو، تازن واقعن کانپوءِ سهپ جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي، نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ ٻين عملدارن ڪيترائي ڀيرا ڪابل جو دورو ڪيو، افغان اختيارين کي به اهو چيو ته اسان علائقي ۾ امن ۽ ترقي چاهيون ٿا، بدقسمتي سان سمورين ڪوششن جي باوجود افغانستان امن کي ترجيح نه ڏني ۽ اڳرائي جو رستو اختيار ڪيو.
هن چيو ته جنهن وقت حملو ٿيو ان وقت افغانستان جو پرڏيهي دهليءَ ۾ ويٺو هو، پاڪستان تي اِهو حملو ڀارتي چرچ تي ٿيو، اسان کي مجبوريءَ ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي، فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، هاڻي بال افغانستان جي ڪورٽ ۾ آهي، افغانستان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن لاءِ جنگبندي ڪئي وئي، دوست ملڪ خاص طور تي قطر ان معاملي کي طئي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته جنگ بندي جوڳين شرطن تي ڊگهي به ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن مهلت لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي، افغانستان سان جائز شرطن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج دفاع جو حق استعمال ڪندي خارجين کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.
غزا بابت وزيراعظم چيو ته ڪجهه ماڻهو غزا جي معاملي تي سياست ڪرڻ چاهين پيا، غزا ۾ ٿيل ظلمن جي موجوده دور مثال نه ٿو ملي، غزا ۾ معصوم ٻارن جو رت وهي رهيو هو، تنقيد ڪندڙ ان وقت ڪٿي هئا؟
وزيراعطم چيو ته ”منهنجي جاءِ تي پاڻ کي رکي سوچيو ڇا توهان غزا جنگ بند ڪرائڻ وارن کي سلام نه ڪندا؟ غزا ۾ جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ صدر ٽرمپ ۽ ٻين ملڪن جا ٿورا مڃيا ٿو، غزا جنگ بندي ۾ پاڪستان پنهنجو فرض ادا ڪيو.“
هن چيو ته شرم الشيخ ۾ معاهدو ٿيو، غزا ۾ ماڻهن خوشي ملهائي، فلسطيني جنگ بند ٿيڻ تي الله جو شڪر ادا ڪري رهيا هئا، ڇا جنگ بند ڪرائيندڙ جا ٿورا نه مڃيا ويندا؟
شهباز شريف چيو ته فلسطيني رياست قائم ٿيڻ گهرجي، فلسطين لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندا رهنداسين.
وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ تي پنهنجي ٽيم جو ٿورائتو آهيان، آءِ ايم ايف جو هي پروگرام آخري هئڻ گهرجي، وقت اچي ويو آهي قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون، هي ڏکيو رستو آهي پر ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، جڏهن ملڪ اقتصادي طور تي ترقي ڪندو ته آواز ۾ به وزن ايندو.
افغان طالبان ڀارتي چُرچ تي پاڪستان تي حملو ڪيو، مجبوريءَ ۾ سخت ڪارروائي ڪرڻي پئي: وزيراعظم
You might also like