پاڪستاني سُهڻا ناهن، ترڪ مرد وڻندا آهن: نبيحه علي خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڻمرادو نفسياتي ماهر ۽ تڪراري سوشل ميڊيا اسٽار ڊاڪٽر نبيحه علي خان چيو آهي ته کيس ترڪ مرد تمام سُٺا لڳندا آهن ۽ هوءَ جنهن سان شادي ڪري رهي آهي اُهو خوبصورتي ۾ ڪنهن ترڪ مرد کان گهٽ ناهي.
ڊاڪٽر نبيحه علي خان گهڻي ڀاڱي پنهنجي انٽرويوز ۾ عورتن کي شادي ۽ زندگي جي ٻين مسئلن بابت صلاحون ڏيندي نظر ايندي آهي ۽ سندس انٽرويوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندا رهندا آهن.
ويجهڙ ڊاڪٽر نبيحه علي خان نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شاديءَ جي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن چيو ته سندس زندگي ۾ هميشه هڪ مرد جي کوٽ رهي آهي، جڏهن هوءَ رڳو ٻي جماعت ۾ پڙهندي هئي تڏهن سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس ڪو ڀاءُ به نه هو.
ڊاڪٽر نبيحه موجب، هن جي پهريان به شادي ٿي چڪي آهي، پر سندس مڙس ٽن سالن کانپوءِ وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ سندس زندگيءَ ۾ مرد جي کوٽ هميشه برقرار رهي.
هن چيو ته هاڻي ٻيهر شادي ڪرڻ سندس لاءِ ڏکيو فيصلو هوندو، ڇو ته هوءَ مرد جي موجودگي جي عادي ناهي ۽ مرد جي زندگيءَ تي ڇاپ سندس لاءِ نئون تصور آهي.
شادي بابت پنهنجي پسند جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر نبيحه چيو ته کيس اهڙو مرد پسند آهي جنهن جي دل ۾ الله جو ڊپ هجي، شڪل ۾ سهڻو هجي ۽ واضح ڪيو ته کيس گهڻو ڪري ترڪ مرد پسند آهن.
سندس چوڻ هو ته ’’پاڪستاني مرد ذهين ته هوندا آهن، پر سُهڻا ناهن هوندا ۽ ڪيئي بيوفا آهن.“
ڊاڪٽر نبيحه وڌيڪ چيو ته هن وقت جنهن سان شادي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، اُهو به ڪنهن ترڪ مرد کان خوبصورتيءَ ۾ گهٽ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.