ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موذي مرض ڪينسر سان جهيڙيندڙ هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪارا انجلين ملڪ مداحن کي صحت بابت خاص محتاط رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ اداڪارا انجلين ملڪ مداحن کي پنهنجي صحت جي حوالي سان محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ۽ بيضيداني واري ڪينسر (Ovarian Cancer) کي خاموش ڪينسر‘قرار ڏنو.
وڊيو ۾ اداڪارا انجلين ملڪ ٻڌايو ته ’’رڳو 20 سيڪڙو مريض ئي سنگين علامتن جي صورت ۾ شروعاتي مرحلي ۾ پنهنجي بيماري کي پڪڙي سگهن ٿا، ان جي ابتڙ ٻيا مريض مون جيان دير سان هن بيماري کي سڃاڻن ٿا.“
اداڪارا موجب،ان ڪينسر جون علامتون هي آهن’’پيٽ ۾ گيس، بک محسوس نه ٿيڻ، وزن ۾ اوچتو گهٽتائي يا واڌ، ماهواري بي قاعدگي، بار بار پيشاب اچڻ جهڙيون علامتون شامل آهن، تنهنڪري انهن کي نظرانداز ڪرڻ بدران ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي، هڪ سادي ٽيسٽ ۽ الٽراسائونڊ ذريعي هن ڪينسر جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي.‘‘
اداڪارا پنهنجي مثال ڏيندي ٻڌايو ته ’’هڪ سفر دوران مون کي پيٽ ۾ گيس جهڙي شڪايت محسوس ٿي ته مون ان کي نظرانداز ڪيو، پر ٻن مهينن تائين مستقل اها تڪليف رهڻ کانپوءِ مون ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ مون ۾ بيضيداني جي ڪينسر جي نشاندهي ٿي.“
اداڪارا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ مداحن کي مشورو ڏيندي چيو ته ’’جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي به پنهنجي جسم ۾ ڪا مستقل تبديلي محسوس ٿئي ته ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو ۽ اها غلطي نه ڪريو جيڪا مون ڪئي، پنهنجي صحت جو ڀرپور خيال رکو.“
انجلين ملڪ پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ته ”ڪينسر بابت سموري ڄاڻ رڳو معلوماتي مقصد لاءِ آهي ڪنهن طبي مشوري لاءِ ناهي، انڪري پنهنجي صحت جي حوالي سان طبي ماهرن سان رابطو ڪريو. “