زال هڪ”پير“ جي خاطر ڇڏي ڏنو، يووراج جي پيءُ يوگراج سنگهه جو انڪشاف

نئين دهلي (شوبز ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ اداڪار يوگراج سنگهه پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان مشڪل وقت بابت انڪشاف ڪيو آهي ته سندس اڳوڻي زال شبنم کيس ۽ گهر هڪ روحاني گرو (بابا) لاءِ ڇڏي ڏنو، جنهن کانپوءِ سندس زندگي مڪمل طور تباھ ٿي وئي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ يوراج سنگهه جي پيءُ يوگراج سنگهه ” ان ٽولڊ پنجاب“ نالي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هڪ ڀيرو وري اعتراف ڪيو ته “ مان گنهگار انسان آهيان، زندگي ۾ ڪيئي غلطيون ڪيون، پر جنهن ڏينهن يووي (يووراج) ۽ سندس ماءُ مونکي ڇڏي ويا، منهنجي دنيا ختم ٿي وئي، شايد اهو سڀ خدا جي طرفان هڪ سبق هو.“
سندس چوڻ هو ته وڇوڙي کانپوءِ هو مڪمل طور تي اڪيلائي ۽ غريبي جو شڪار ٿي ويو.
هن چيو ته اهڙا به ڏينهن آيا جڏهن کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، مِينهَن ۾ ڀڄندو رهيس، ڪو به حال پڇڻ وارو نه هو،ماڻهن چيو ته مان نه بچندس، پر خدا سنڀالي ورتو.“
يوگراج موجب، جڏهن کيس فلم ”ڀاگ ملکا ڀاگ“ لاءِ ڪردار مليو، ان وقت سندس کيسي ۾ رڳو 5 رپيا هئا، پر کيس 5 لک رپيا معاوضي طور مليا، جيڪي سندس زندگي جو اهم موڙ ثابت ٿيا.
يوگراج سنگهه اعتراف ڪيو ته سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان سندس پنهنجي ڪاوڙ ۽ انتقامي جذبي سبب ٿيو.
هن چيوته ” مان جوانيءَ ۾ ظلم ڏٺو، مون سوچيو ته مان بدلو وٺندس، اهو بدلو پنهنجي پٽ جي ذريعي وٺڻ چاهيم ۽ انهيءَ جنون مون کان سڀ ڪجهه کسي ورتو.“
يوگراج سنگهه چيو ته هاڻي هو پنهنجي گناهن ۽ ماضيءَ جي غلطيءَ تي شرمسار آهي.
هن مڃيو ته ” مون گناهه ڪيا، پنهنجن ويجهن ماڻهن سان غلط ڪيو۔ هاڻي مون وٽ ڪو به خاندان ناهي، رڳو خدا ئي منهنجو خاندان آهي.“
پروگرم دوران پنهنجي اڳوڻي زال شبنم جي هڪ ”بابا“ سان عقيدت بابت ڳالهائيندي سندس لهجو تلخ ٿي ويو.
هن چيو ته ”گرو گرنٿ صاحب کان وڏو ڪو به ناهي، مان جڙتو روحاني پيشوائن کي نه ٿو مڃان، زال مڙس جا پير نٿي دٻائي سگهي، ماني نٿي پچائي سگهي، پر بابا جي خدمت ۾ خوش آهي؟ اِهو رڳو منهنجي گهر جي ڳالهه نه آهي، پر هڪ عام سماجي حقيقت آهي.“
يوگراج پنهنجي پٽ يووراج ڏانهن اشارو ڪندي ڏک ڀري لهجي ۾ چيو ته ” جي پيءُ رت، وگهر ۽ ڳوڙها وهائي توکي ڪاميابيءَ تائين پهچايو، اهو تنهنجي بابا کان گهٽ آهي؟ جنهن چئن ڪٽنبن جو بار کنيو ۽ پاڻ لاءِ ڪجهه به نه خريديو، اڄ تون اهو پيءُ وساري ڇڏيو؟ تون پنهنجي پيءُ لاءِ ڪڏهن ڪپڙا به ناهن ورتا، پر بابا کي 15 لک رپين جي گهڙي ڏئي ڇڏي..!“
ياد رهي ته يوگراج سنگهه هڪ ٽيسٽ 6 ون ڊي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي، ان کانسواءِ 200 کان وڌيڪ پنجابي ۽ هندي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ، سندس مشهور فلمن ۾ ” ڀاگ ملکا ڀاگ“ ۽ ”سنگهه از بلنگ“ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.