احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ گجرات جي بيٽر جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 31 بالن تي سينچري جڙي ورتي.
اربع ڏينهن سيد مشتاق علي ٽرافي ۾ گجرات ۽ سروسز جون ٽيمون دوبدو ٿيون، جتي سروسز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.
هدف پٺيان ڊوڙندي گجرات جي ڪپتان اُرول پٽيل جارحاڻي بيٽنگ ڪئي ۽ مخالف بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، پٽيل 31 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ 37 بالن تي 119 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
گجرات 183 رنسن جو هدف رڳو 13 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ميچ کٽي ورتي، پٽيل جي 31 بالن تي سينچري ڪنهن به ڀارتي بيٽر طرفان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ٻي تيز ترين سينچري آهي.
ان کان اڳ پٽيل ئي سيد مشتاق علي ٽرافيءَ جي گذريل سيزن ۾ 28 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي، جيڪا اڀيشيڪ شرما سان گڏيل طور تي ڀارتي بيٽر جي تيز ترين ٽي ٽوئنٽي سينچري آهي.
You might also like