حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي) جي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو آهي ته جڏهن بارڊر وارا سياست ڪندا، ڪرڪيٽ وارا نوان صوبا ۽ وڏيرا قانون ٺاهيندا ته ظاهر آهي سسٽم ڪولاپس ئي ڪندو.
فيسبڪ تي ڪيل پوسٽ ۾ ملڪ ۾ سسٽم جي ناڪاميءَ جو جواز بڻائي نوان صوبا ٺاهڻ واري معاملي تي ردعمل ڏيندي ڪبير ڀيل چيو ته هن نظام جي تباهيءَ جو سبب وڌندڙ آبادي نه، پر غلط ماڻهن جو غلط جڳهن تي هجڻ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن بارڊر وارا سياست ڪندا، ڪرڪيٽ وارا نوان صوبا ٺاهيندا ۽ وڏيرا قانون ٺاهيندا ته ظاهر آهي سسٽم ڪولاپس ئي ڪندو.
بارڊر وارا سياست، ڪرڪيٽ وارا صوبا ۽ وڏيرا قانون ٺاهيندا ته سسٽم ڪولاپس ئي ٿيندو: ڪبير ڀيل
You might also like