ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته پير پاڳاري جو ڪردار به ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جهڙو آهي.
صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي نثار کهڙي چيو ته صوبي جي معاملن بابت اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ريفرنڊم ڪرائڻ جو حق ڪنهن هڪ فرد کي حاصل ناهي.
هن چيو ته ريفرنڊم ڪو هڪ منٽ جو معاملو ناهي، ان لاءِ آئيني ۽ قانوني طريقيڪار موجود آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ريفرنڊم ڪرائڻو آهي ته پهريان معاملو ڪابينا ۾ پيش ٿيندو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري وٺڻي پوندي ۽ آخر ۾ صدر ڏانهن موڪليو ويندو.
نثار کهڙي چيو ته ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ سموريون پارٽيون چونڊن ۾ حصو وٺنديون، ته جنهن پارٽي کي اڪثريت حاصل ٿيندي، اها حڪومت ٺاهيندي.
اسيمبلي جي قرارداد بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن قرارداد جي ووٽنگ دوران واڪ آئوٽ ڪيو يا جنهن پارٽي اسيمبلي ۾ اچڻ مناسب نه سمجهيو، مان انهن کي به پير پاڳاري جهڙو سمجهندس.
هن چيو ته جيڪڏهن صوبن واري معاملي تي پير پاڳارو ڪجهه نٿو ڳالهائي ته ان جو ڪردار به ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جهڙو ئي آهي.
پير پاڳارو سنڌ جي ورهاڱي خلاف نٿو ڳالهائي، ان جو ڪردار به ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جهڙو آهي: نثار کهڙو
You might also like