هانگ ڪانگ:رهائشي عمارت ۾ لڳل باهه تي ظابطو نه آيو، فوتين جو انگ 55 کان ٽپي ويو، سوين گم

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ ۾ رهائشي اپارٽمينٽس۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 55 تائين پهچي ويو آهي.
شهر جي فائر کاتي جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 51 ماڻهو واقعي واري هنڌ فوت ٿيا، چئن ڄڻڻ اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته باهه وسائڻ جي ڪوششن دوران هڪ فائر فائٽر به حياتي وڃائي ويٺو.
باهه لڳڻ کانپوءِ 270 کان وڌيڪ ماڻهن جو اڃا تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو.
اختيارين موجب، ستن مان چئن عمارتن ۾ لڳل باهه تي ظابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ٻين عمارتن ۾ باهه وسائڻ جو عمل جاري آهي، باهه لڳڻ جي سبب بابت جاچ جاري آهي.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته سائيٽ تي دريون بند ڪرڻ لاءِ پولي اسٽيرين بورڊز استعمال ڪيا ويا هئا ۽ امڪان آهي ته انهي سبب باهه وڌيڪ تيزي سان پکڙجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.