پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي وفاقي حڪومت تي 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳائي ڇڏيو.
انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي، جنهن مان پرڏيهه ۾ فليٽس ۽ ٻيٽ خريد ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته اين ايف سي اجلاس ۾ ضم ٿيل ضلعن جا فنڊ صوبي کي ڏيڻ وارو معاملو اٿارينداسين، فاٽا جي ضم ٿيڻ کانپوءِ اسان جو حصو اين ايف سي ۾ 19 سيڪڙو آهي، پر 7 سالن کان 350 ارب رپيا ساليانو حصو ناهي ملي رهيو.
ٻئي پاسي سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ پشاور جي پارليامينٽرينز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن پشاور جي ترقي لاءِ 100 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪرڻ لاءِ گرينڊ اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو.
You might also like