”لبيڪ يا رسول الله صه“ ڪنهن مذهبي جماعت جو نه اسان سڀني جو نعرو آهي، سڀاڻي شڪراڻي جو ڏينهن ملهائينداسين: گهرو وزير

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ٽي ايل پي سان آخري منٽ تائين ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو، پر هر ڀيري سندن شرطون وڌنديون ويون.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته ڳالهين وارو عمل سندس نڪرڻ کان اڳ کان آخري منٽ تائين هليو، مذهبي جماعت جا اعليٰ عهديدار پاڻ ٻڌائيندا ته ڳالهين ٿيون، هر ڀيري کين چيو ويو ته واپس وڃو، توهان کي ڪجهه نه ڪيو ويندو، پر هر دفعي سندن شرطون وڌنديون ويون.
محسن نقوي چيو ته کانئن پڇو ته ڇا سندن شرطون فلسطين لاءِ هيون؟ ڇا انهن جي ريلي فلسطين لاءِ هئي يا ڪجهه ماڻهن جي آزادي لاءِ؟ ”لبيڪ يا رسول الله صلعم“رڳو انهن جو نعرو نه آهي، اِهو اسان سڀني جو نعرو آهي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته ان ڏينهن تشدد ڪندڙ ۽ هٿياربندن خلاف ڪارروائي ٿي، آپريشن رڳو انهن خلاف ڪيو ويو جن تشدد ڪيو، روڊ کولڻ وارا جس لهڻين، اهو هٿياربند جٿو گهرن ۽ مسجدن جي منارن تي مورچا بند هو.
هن چيو ته گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ اهڙو ڇا ٿيو جو جو هر 15 ڏينهن ۾ هڪ وڏو احتجاج ضروري ٿي پيو آهي؟ مذهبي جماعت جي عهديدارن کان سواءِ ڪنهن به مدرسي يا عالمن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿيندي، سڀاڻي “شڪراڻي“ جو ڏينهن ملهائبو، ڪو احتجاج نه ٿيندو ۽ ڪنهن کي به مذهبي جماعت يا عالمن کي تنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.