آصف علي زرداري پاڪستان جو 11 هون سويلين، ٻيھر ان عھدي تي فائز ٿيندڙ ٽيون ۽ ٻنھي پارليامنٽن جي گڏيل اجلاس کي اٺون ڀيرو خطاب ڪندڙ پھريون صدر آھي.ان شاندار ڪارڪردگيءَ جي ھوندي اسان کي صدر جي ھڪ، ھڪ جملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،ان جي باري ۾ توھان جي ذاتي راءِ ڪھڙي بھ ھجي.زرداري صاحب رڳو وفاقي اتحاد جي ئي علامت ناهي پر هڪ ملڪ گير جماعت جو شريڪ چيئرمين پڻ آهي. تنهن ڪري اھا سندس دستوري ذميداري آھي تھ صدر مملڪت جي حيثيت سان ھو وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عمل ڪري ۽ پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانونن جي توثيق ڪري.جڏهن ته پارٽي سربراھ جي حيثيت سان، اها پڻ سندس سياسي ذميداري آهي ته حڪومت جي فيصلن تي ناخوشي ۽ تحفظات جو اظهار ڪري ۽ ڪجهه اھڙي احتياط سان ڪري،جو صدارت جي ڪرسي کي،سھي نھ سگھڻ جھڙي تپش محسوس نه ٿئي۽ سياستدان طور ‘بادشاهه گر ‘ وارو اميج پڻ برقرار رهي.
زرداري صاحب کي بحيثيت ‘ رئيس جمهوريه ‘ اسلام آباد ۾ رهڻو آهي ۽ بحيثيت سياسي قائد بلاول هائوس ڪراچي کي به رونق بخشڻي آهي. ايوان صدر جي گھرجن ۽ مجبورين کي ڪشادھ دلي سان نڀائڻوآھي ۽ پارٽي سربراھ طور ووٽرن جي خواهشن کي بھ نظرانداز نه ڪرڻو آھي. رياست جو دستوري سفر بھ نھ رڪجي ۽ سياسي سلطنت کي به ڪو وڏو لوڏو نھ اچي.پاڻ کي ان ڪري بچائي رکڻو آهي جو جھڙي تھڙي جمھوريت بچي رھي ۽ جمهوريت کي ان ڪري بچائڻو آهي ته جيئن پاڻ بچيو رھي. انهيءَ ڪري چوندا آهن "جيڏو اٺ، تيڏا لوڏا .”
سڀئي ڄاڻن ٿا تھ ھاءِبرڊ جمھوريت جي پيداوار موجوده سول سيٽ اپ پڻ پنھنجي پيشرو چنتخب حڪومت وانگر، ھن سياسي نڪاح جو نتيجو آهي، جو خاندان جي ھٺيلي بزرگن ڌرين جا مٿان ٽڪرائي ” قبول آھي، قبول آھي” جي گوڙ ۾ پڙھارايو آھي.اهڙين شادين جي نتيجي ۾ مڙس زال ڀلي هڪ ٻئي سان ٺھن نھ ٺھن، پر تيستائين هڪ ئي ڇت هيٺ رهڻ تي مجبور آهن، جيستائين بزرگن جون فوڪسڊ اکيون سرچ لائيٽ وانگر گول گول ڦرنديون رهنديون آھن.
اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن گهوٽ خاندان جي وڏن سان بغاوت ڪري ته گهر مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ ڪنوار جو رويو سھي نھ سگھڻ جھڙو ٿي وڃي ته گهر واپسي سان گڏوگڏ ڏاج کان بھ ويندي آهي ۽ اهي نزاڪتون موجوده سياسي جوڙي کان بهتر ڪير سمجهي سگهي ٿو، جنھن جي اقتدار سجايل سيج تي ڪئين ڪئين شاديون ۽ ڪئين ڪئين طلاق ٿي چڪا آهن.
هن ملڪ ۾ اھڙا ويھارو اڳواڻ ۽ انهن جون جماعتون موجود آهن جيڪي ھڪ ڀيرو، بس ھڪ ڀيرو صدر،وزيراعظم يا وفاقي وزير بنجڻ جي لاءِ سڄي زندگيءَ ھڪ ٿنڀ کان ٻئي ٿنڀ وچ ۾ طوائف ڪندا رھندا آھن.پر مٿي ويٺل خبر نھ آھي ڇو انھن جي نٿو ٻڌي.۽ هن ئي ملڪ ۾ ٻھ اھڙا خوش قسمت خاندان پڻ موجود آهن جو انھن جي اڳيان ‘مٿي ويٺل’ صرف ٻه رستا وڇائي رکيا آهن،محل يا جيل. محل ۾ اسان جي مرضي سان ۽ جيل ۾ پنھنجي مرضي سان.
ڪنھن ڊرائنگ روم جھولندڙ ڪرسي ۾ ھيٺ لھي وڃڻ يا ڪنهن ٽاڪ شو جي سيٽ تي وڃي ۽ اصلاحي مشورن بابت ڄاڙي ھڻڻ يا قوم جي غم ۾ واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙڻ بنھ سولو آهي. پر ٿورو پنهنجي ضمير جي وات ۽ دل تي هٿ رکي فيصلو ڪريو تھ جيڪڏهن توهان ستر جي پيٺي ۾هجو ته ،توھان ان ويندڙ عمرڙي ۾ ڇا چونڊيندا ؟ جيل يا ريل؟ ها،پر جيڪڏهن توهان ڪو مٿي ڦريل، بددماغ چريا آھيو تھ جدا ڳالھھ آھي.
ان پس منظر ۾ صدر آصف علي زرداري، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي سالياني آئيني خطاب ۾ موجوده حڪومت جي مبينا من ماني رويي تي ناخوشي جو اظهار ڪندي سرسبز پاڪستان منصوبي تحت چولستان ڪينال سميت ڇهن اضافي ڪينالن جي تجويز ڪيل تعمير جي رٿا ۾ وفاق جي سمورن يونٽن کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جي سرعام شڪايت ڪئي. اها سندس اباڻي صوبي ۾ سندس سياسي رڪارڊ ۾ ٽين رکڻ جي ھڪ ڪوشش معلوم ٿئي ٿي.
جيڪي سرسبز پاڪستان منصوبي جا مالڪ آھن انھن کي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ روئڻ ڌوئڻ ۽ شور شرابي جي ٽينشن نھ آھي.ڳڻتي تھ تڏھن ٿئي جڏھن گھر ۾ وڄندڙ گھنڊ گهٽي ۽ رستن تي اچي وڃن.
بلڪھ ڪي ساڙ سڙيا تھ اھو بھ چون ٿا تھ ڪنهن به هائبرڊ نظام ۾ پارليامينٽ اصل ۾ اھو جھنجڻو آھي جنھن سان عام ماڻھون کي جيترو ۽ جيستائين ممڪن ھجي بھلائي سگھجي ۽ جڏھن عام ماڻھو جو ڌيان ڀٽڪڻ لڳي جھنجڻو بدلايو وڃي.نون ڪينالن جي تعمير جو شوشو بھ اصل بنيادي مسئلن تان عوامي ڌيان ھٽائڻ واري رٿا جو حصو لڳي ٿو.
ڪو به منصوبو ضروري يا ڪارآمد آھي يا نھ ان سوال کان ھَٽي ڪري اهم ڳالهه اها آهي ته گيم ڪهڙي به هجي،اربين رپين جي هجڻ گهرجي. ته جيئن نظر بھ اچي ۽ رٿا جوڙيندڙ کي ٻھ پئسا بھ بچن. پاڪستان سميت ڪيترائي پوئتي پيل ملڪ اهڙن شاندار منصوبن جا قبرستان آهن، جتي قبرن تي اجايا ٽيڪس۽ قرضن جي مزارن جا پٿر لڳل آهن.اهڙا منصوبا حڪمران اشرافيه سان گڏوگڏ مخالفن کي بھ پنهنجا دڪان چمڪائي رکڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪن ٿا.جيترو کير فرهاد جي نھر مان وھي رھيو ھو لڳ ڀڳ ايترو ئي پاڻي چولستان ڪينال ۾ به وهندو. پر رياست ۽ سياست جي جو دارو مدار ۽ بقا، ئي خواب وڪڻڻ جي ڪاروبار تي آهي.