ٽنڊي محمد خان جو اسڪول الياس گھراڻو سهولتن کان محروم ڇو ؟

ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ۾  نئون پڪو اسٽاپ وٽ قائم گورنمينٽ ايليمينٽري بوائز اسڪول الياس گھراڻو  ھن جديد دؤر ۾ پڻ بنيادي سهولتن کان محروم آهي . جنھن جو مسلسل ايس ايم سي فنڊ اسڪول انتظامي جي نااهلي سبب ڪمن ڪارن ۾ ڪتب نه پيو آندو وڃي ، انھيءَ ايس ايم سي فنڊ جي  عدم استعمال سبب اسڪول جا تمام ڪم ڪار رولڙي جو شڪار بڻيل آهن.اسڪول ۾ اسٽيشنري سميت ٻيو سمورو سامان استاد چندو ڪري وٺن ٿا ، بورڊ تي لکڻ لاءِ مارڪر ناھن،،   جڏهن ته اسڪول انتظاميه پاران استادن کي اھو چيو ويندو آهي ته وائٽ بورڊ تي لکڻ لاءِ مارڪر توھان پنھنجي پگھار مان خريد ڪيو. واش رومس جا نل يا پائپ ٽٽن ته اھي پڻ استادن جي چندي مان اچن.

گذريل ھڪ مھيني کان پاڻيءَ جي موٽر خراب ھئڻ سبب واش روم ۾ پاڻي نه هئڻ سبب استادن توڙي شاگردن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو جن ۾ فيميل اسٽاف ۽ شاگردياڻيون پڻ شامل هيون. ھتي ھر ڪلاس ٽيچر تي اسڪول انتظاميه طرفان جبرن اھو حڪم نامو ھلايو وڃي ٿو ته تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جو حڪم آھي ته في شاگرد کان امتحان جي فيس وٺو 50 روپيا ان کانسواءِ في استاد 500 روپيا جمع ڪرائي امتحان جي فيس جي مد ۾ جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران اھڙي ڪا به فيس مقرر ناھي ۽ تعليم مفت آهي  پر افسوس جو ڪرپٽ ڪامورا ۽ سندن اسٽاف رشوت جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن.اسڪول ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سھولت موجود ناهي جنھن ڪري ٻار سينکي وارو  کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن جنھن سان  ٻارن ۾ ڪاري ڪامڻ جھڙيون خطرناڪ بيماريون عام جام آهن. پاڻي جي ٽي ڊي ايس مقدار تقريبن 2700 تائين آھي.اسڪول ۾ سولر سسٽم ھوندي به ناڪارھ بڻيل آهي جنھن سبب ٻار ھر سال سخت گرمي جي موسم ۾ بغير پنکي جي ويھي پڙھن ٿا. فلٽر پلانٽ ھوندي به استعمال ۾ ناھي ۽ ھڪ ڪلاس روم پيڪ ٿيو رکيو آھي. اسڪول ۾ اليڪٽريڪل تارن جا ڪنيڪشن مرمت نه ھئڻ سبب کليل پيا آهن جيڪي ڪنھن وقت به ڪنھن معصوم ٻارڙي جي موت جو سبب بڻجي سگھن ٿا پر جيڪڏهن اسڪول جو ايس ايم سي فنڊ موجود ھجي ته اھي سمورا ڪم باآساني ڪرائي سگھجن.اسڪول ۾ بائونڊري وال ناھي جنھن سبب ڪيترائي ڀيرا چوري ٿي وئي آهي. اسڪول جي بلنڊنگ زبون حال بڻيل آهي جنھن جو ڪيترن ئي سالن کان مرمت جو ڪم نه ٿي سگھيو آهي. اسڪول جيتوڻيڪ ايليمنٽري بڻجي چڪو آهي پر استادن لاءِ اسٽاف روم جي وڏي کوٽ آهي ان سان گڏوگڏ فرنيچر جي پڻ کوٽ آهي.

تعليمي وزير ۽ سيڪريٽري توڙي ڊاريڪٽر حيدرآباد کان اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي جو مطالبو  ڪيون ٿا.

محمد اسلم زئور  ٽنڊو محمد خان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.