غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي جي مند ۾ اڇن يا گلابي بصرن جي ڀيٽ ۾ ڳاڙها بصر جسم کي لُڪ لڳڻ ۽ سخت گرمي ۾ فائدي وارا ثابت ٿيندا آهن.
رپورٽ موجب تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ڳاڙهن بصرن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس، فليونوئيڊز، معدنيات ۽ پاڻي شامل هوندو آهي جيڪو جسم جي لوڻياٺ پوري ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي.
طبي ماهرن موجب شديد گرمي ۾ پگهر، مٿو ڦرڻ، مٿي ۾ سور، اُلٽي ۽ ڪمزوريءَ جهڙا مسئلا ٿيندا آهن جڏهن ته ڳاڙهن بصرن ۾ انهن اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
غذائي ماهرن موجب ڳاڙهو بصر هاضمو بهتر ڪندو آهي، جسم ۾ پاڻي برابر ڪندو آهي ۽ آنڊن جي صحت بهتر ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي. رپورٽ موجب غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪچي ڳاڙهي بصرن کي سلاد ۾ استعمال ڪرڻ سان پيٽ ڦوڪجڻ جي شڪايت گهٽ ٿيندي آهي ۽ معدي جي فائديمند جيوڙن ۾ اضافو ٿيندو آهي.
هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ڳاڙهن بصرن ۾ موجود قدرتي جزا جسم ۾ رت کي بهتر ڪندا آهن ۽ گرميءَ مان پيدا ٿيندڙ دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيندا آهن جڏهن ته ماهرن واضح ڪيو آهي ته ڳاڙها بصر رڳو سهڪاري آهن، هيٽ اسٽروڪ جو پورو علاج ناهي.
غذائي ماهرن تجويز ڏني ته ڳاڙهن بصرن کي سلاد، ڏهي سان گڏ يا رائتي ۾ وجهي يا چٽڻي ٺاهي استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته تيزابيت، معدي جي حساسيت يا آنڊن جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن کي ان جي متوازن استعمال جو مشورو ڏنو آهي.